چڪ ۾ مهر، جتوئي تڪرار دوران ڌرين طرفان فائربندي جو اعلان

لکي غلام شاهه (ت ر ) شڪارپور ضلعي ۾ مهر ۽ جتوئي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار سبب جهيڙيندڙ ڌرين فائربندي جو اعلان ڪري ڇڏيو، غوث بخش مهر ۽ محمد ابراهيم جتوئي ۾ رابطو ٿيو، جتوئين طرفان امير علي جتوئي ۽ علي حسن جتوئي مهرن طرفان شهريار مهر ۽ محبوب مهر فائربندي تي عمل ڪرائيندا، پ پ ايم اين اي شهريار خان مھر پاران مهر هائوس لکي غلام شاهه جي ترجمان محبوب علي مهر معرفت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مهر برادري جي ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو فائرنگ نه ڪندا نه اهڙو عمل ڪندا جنهن سان اعلانيل فائر بندي تي اثر پوي، ايم اين اي شهريار خان مھر جتوئي برادري کان پڻ اميد ڪئي آهي ته هو پڻ انهي تي عمل ڪندا ته جيئن آساني سان هر هڪ ڌر پنهنجي فصل ڪڻڪ جي پوکي راهي ۽ سارين جو لابارو ڪري سگهي تمام جلد تاريخ مقرر ڪري ڌرين وچ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو نبيرو ڪيو ويندو، جتوئي هائوس جي ترجمان علي حسن جتوئي پڻ بيان جاري ڪندي چيو  ته امير علي خان جتوئي مهر جتوئي جي خاتمي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ جتوئي برادري کي فيصلي کان اڳ فائربندي جو سختي سان هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڪا به به فائرنگ وغيره نه ڪئي وڃي، هن چيو ته مهر جتوئي پاڻ ۾ ڀائر آهن جلد ڌرين جي ٺاھ لاءِ فيصلي جي تاريخ مقرر ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.