ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي اي-چالان سسٽم جو افتتاح ڪندي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻ ٽريفڪ قانونن جون ڀڃڪڙيون جديد ڪئمرائن وسيلي پاڻمرادو رڪارڊ ٿينديون، اي-ٽڪٽنگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ چيو ته رڪشا، گاڏي ۽ موٽرسائيڪل سڀ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ ڊيجيٽل شفافيت ۽ جديديت ڏانهن ٽريڪ سسٽم هڪ اهم قدم آهي، جديد اي-ٽڪٽنگ سسٽم سان انساني مداخلت ۽ جانبداري جو خاتمو ٿيندو، جڏهن ته ان سان شهرين جي خدمت ۽ تحفظ کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي، وڏي وزير ٻڌايو ته نئين سسٽم تحت هن وقت 10 هزار کان وڌيڪ ڳريون گاڏيون ٽريڪرن سان ڳنڍيل آهن ۽ 30 ڪلوميٽر کان وڌيڪ رفتار تي هلندڙ گاڏين کي پاڻمرادو چالان جاري ٿيندو، شهرين کي جيڪڏهن ڪو اعتراض يا اپيل ڪرڻي هجي ته هو ٽريڪر سينٽر تي رابطو ڪري سگهن ٿا، اسان جو مقصد شفافيت سان گڏ ٽريفڪ نظام کي جديد بڻائڻ آهي، هن زور ڏنو ته رستن تي مڪمل سائن لڳايا وڃن ته جيئن ماڻهن کي اڳواٽ ڄاڻ هجي ۽ چالان جو 15 سيڪڙو حصو جيڪو ملندو آهي، اهو جاري رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين جن ماڻهن غلط چالان جاري ڪيا، انهن تي به 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته منصوبي تحت ڪئمرائن جو انگ 12 هزار تائين وڌايو ويندو، عوامي رهنمائي ۽ سهولت جي لاءِ ٽريڪ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.