ڌاڙيلن جي سرينڊر ڪرڻ جي معنيٰ معافي نه آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بدامني تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، ڌاڙيلن جي سرينڊر ڪرڻ جي معنيٰ معافي نه آهي، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، 3 مهينا اڳ اها ڳالهه آئي هئي ته ڌاڙيل سرينڊر ڪرڻ چاهين ٿا، اسان هڪ پاليسي ٺاهي ڪابينا مان منظور ڪرائي، مراد علي شاهه چيو ته گذريل هفتي 70 کان وڌيڪ ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا، ڌاڙيل توبهه ڪري اڳتي وڌڻ چاهين ٿا، ڌاڙيلن کي قانون کان جيڪا سزا ملڻي آهي اها ملندي، ڌاڙيل سزا ملڻ بعد قانون موجب زندگي گذاري سگهندا، امن امان جي حوالي سان اڳ کان صورتحال بهتر آهي، پوليس جو ساٿ ڏيڻ تي رينجرز ۽ عام فورسز جا ٿورائتا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.