ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جوا علان

اسلام آباد (بيورو) ڪشميري عوام سان ٻڌي طور ۽ ڀارتي قبضي خلاف احتجاج اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، والاريل ڄمون  ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جلسا، ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، صبح 10 وڳي ڪشميري شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي چوک تائين مرڪزي يڪجهتي ريلي ڪڍي ويندي، وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي شاهراهه دستور، پارليامينٽ هائوس ۽ ڊي چوک تي ”ڪشمير بڻبو پاڪستان“ جا بينر لڳايا ويا آهن، سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، پي ٽي اي ۽ اسلام آباد پوليس پاران تقريبن ۽ انتظامن جا مڪمل بندوبست ڪيا ويا آهن، وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي روڊن، چوڪن ۽ سرڪاري عمارتن تي ڪارو ڏينهن جا پوسٽر پڻ لڳايا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.