ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم ڊي ڪيٽ 2025 جو امتحان انتظامي بدانتظامي سبب نه صرف شاگردن پر والدين لاءِ به اذيت بڻجي ويو، شهر ۾ 10 هزار 296 اميدوار رجسٽرڊ هئا، جن ۾ ڇوڪرين جو انگ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ هو. امتحان ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ورتو ويو، جتي والدين ۽ شاگردن انتظامن تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. هزارين اميدوارن لاءِ صرف ٻه سينٽر مقرر ڪرڻ، صبح سوير ساڍا ڇهين وڳي سڏائڻ ۽ امتحان 10 وڳي شروع ٿيڻ سبب ماڻهن کي گهڻي دير قطارن ۾ بيهڻو پيو، بي آر ٽي منصوبي ۽ ٽريفڪ جام سبب والدين ۽ شاگردن کي وڌيڪ مشڪلاتون پيش آيون، والدين جو چوڻ هو ته انتظام مڪمل طور غير منظم هئا. اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ 4,003 ڇوڪرين ۽ 1,197 ڇوڪرن شرڪت ڪئي، شاگردن شڪايت ڪئي ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ هزارين اميدوارن لاءِ صرف ٻه سينٽر رکڻ غير مناسب فيصلي هو، اميدوارن چيو ته 9 هزار رپيا فيس ڏيڻ باوجود انتظام غير تسلي بخش هئا ۽ رش سبب ٽرانسپورٽ جو ڪرائو به وڌي ويو.