مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير حڪومت سازي ۾ حصو نه وٺندي:فاروق حيدر

مظفر آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي پارليماني ليڊر ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا محمد فاروق حيدر واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته سندن جماعت آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجندي. راجا فاروق حيدر چيو ته ن ليگ جي پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ اڳ ۾ ئي اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته اسين مخالف ڌر ۾ ويهنداسين. هن جو چوڻ هو ته پارٽي هن فيصلي تي مڪمل طور تي قائم آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جو ڪو امڪان ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.