اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف آزاد ڪشمیر فارورڊ بلاڪ جي 9 وزيرن پاڪستان پیپلزپارٽی ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. پی ٽي آءِ آزاد ڪشمیر جي 5 وزيرن فریال ٽالپر ۽ چوڌري ریاض سان ملاقات ڪري پیپلزپارٽی ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. انهن ۾ چوڌري یاسر، محمد حسین، چوڌري محمد اخلاق، چوڌري ارشد ۽ چوڌري محمد رشید شامل آهن. ان کان سواءِ وڌيڪ چئن وزيرن شموليت جو اعلان ڪيو. انهن وزيرن ۾ فهيم اختر ربانی، عبدالماجد خان، محمد اڪبر، ابراہیم ۽ عاصم شریف شامل آهن.