ڪشمير معاهدي کي گول ڪرڻ بدران عملي طور ڪم ڪيو وڃي:امداد قاضي

ڪراچي (پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو آهي ته ڪشمير جوائنٽ عوامي  ايڪشن ڪميٽي سان ٿيل معاهدي کي صرف ”چهرا“ تبديل ڪري يا سياستدانن جي تبديليءَ سان ختم نه ڪيو وڃي، هن چيو ته ان معاهدي تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، هن زور ڏنو ته ڪشميري ڀائرن ۽ سندن متفقه نمائندگي ڪندڙ ايڪشن ڪميٽي سان ڪو به فراڊ نه ڪيو وڃي، امداد قاضي وڌيڪ چيو ته ن ليگ قيادت پاران پنجاب ۾ زرداري پارٽي جي مداخلت جي بيانيه سازيءَ سان جيڪي تڪليفون پيدا ڪيون ويون، انهن کي بي اثر بڻائڻ گهرجي، هن خبردار ڪيو ته باهمي رشتن ۾ ڏڦيڙ ختم ڪرڻ ۽ گڏجي بنيادي زندگي گذارڻ جي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ ڪشمير جي اختيارن کي ڪنهن هڪ پارٽي (زرداري پارٽي) جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو قبول نه آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.