جيڪب آباد(ن ع آ ) جيڪب آباد واسڻ عورت جي 4 مهينا اڳ ڳجھه ڳوهه ۾ قتل ڪرڻ جي تصديق، گرفتار جوابدارن جو پوليس آڏو قتل جو اعتراف، جيڪب آباد جي رائفل ناڪه واسڻ عورت شاهده ڪنول کي بلوچستان جي علائقي ۾ قتل ڪرڻ کان پوءِ ڳجهه ڳوهه ۾ لاش دفنائڻ جي پوليس پاران تصديق ڪئي وئي، جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي تي مقتولڻ عورت جي ڀيڻ رخسانا پروين جي فرياد تي قتل جو ڪيس مقتولڻ عورت شاهده ڪنول جي مڙس عبدالله عرف محمد الدين مامي نظير احمد جکرو تي داخل ڪري جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس نامزد ٿيل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن پوليس آڏو قتل جو اعتراف ڪندي چيو ته عورت شاهده پروين کي بلوچستان جي ضلعي ڪڇ ۾ قتل ڪري لاش دفنايو ويو آهي، پوليس گرفتار جوابدارن جي ريمانڊ پوري ٿيڻ تي کين جيل حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عورت جي قبر ڪشائي لاءِ ايڊيشنل سيشن جج ڪڇي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي.