لاهور(بيورو+شڪيل ملڪ)وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي جان کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي،ڳجهن ادارن جي رپورٽن کانپوءِ سندس چرپر کي محدود ڪيو ويو آهي،مريم نواز جي سيڪيورٽي ٽيم جي سڀني اهلڪارن جي تفصيلي اسڪريننگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي۔ ان سلسلي ۾ آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته مريم نواز بنا خوف و خطر پنهنجا دورا ۽ سرگرميون جاري رکي رهيون آهن، پر ڪالعدم تنظيمَن جي موجودگي سبب سيڪيورٽي معيار وڌيڪ سخت ڪرڻ ضروري آهي۔ميڊيا ذريعن موجب، افغان شهريَن جي ملڪ مان نيڪالي ۽ مذهبي تنظيم ٽي ايل پي خلاف آپريشن کان پوءِ وزيراعليٰ پنجاب جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ نئين سر تبديليون آنديون پيون وڃن،اسڪريننگ جو عمل جاتي عمره ۾ وزيراعليٰ جي رهائشگاهه کان وٺي سي ايم هائوس ۽ ماڊل ٽائون واري خانداني رهائشگاهه تائين جاري آهي،اسڪريننگ دوران اهلڪارن ۽ عملي جي مذهبي ۽ سياسي لاڙن تي به نظر رکي پئي وڃي، ته جيئن ڪنهن به مشڪوڪ يا انتهاپسند لاڳاپي کي سڃاڻي سگهجي۔