اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي رضامند ٿي وئي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير پارلياماني گروپ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۽ پيپلز پارٽي پاڪستان جو هڪ هنگامي اجلاس زرداري هائوس، اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق جي متبادل تي صلاح مشورا ڪيا ويا. وزيراعظم انوارالحق خلاف رٿ آڻڻ لاءِ انگن اکرن جو سلسلو مڪمل ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ممڪن تبديلي کانپوءِ وزيراعظم جي نالي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي طرفان چوڌري ياسين، چوڌري لطيف اڪبر ۽ سردار يعقوب وزيراعظم جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار آهن. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي جاري سياسي صورتحال تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو، سڀني ميمبرن پي پي پي چيئرمين کي پنهنجن خيالن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسان ميڊيا ذريعي ٻڌو آهي ته مسلم ليگ (ن) پنهنجو فيصلو ڪيو آهي. اهي چون ٿا ته اسان اپوزيشن ۾ ويهنداسين. انهن اڃا تائين اسان کي پنهنجي فيصلي جي باضابطا طور تي آگاهي نه ڏني آهي. هن کان پڇيو ويو ته انوارالحق کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي، ڇا هو رياست جي بهترين مفاد ۾ ڪم نه ڪري رهيو هو؟ جواب ۾ قمر زمان ڪائرا چيو ته توهان جو سوال وقت کان اڳ آهي. مون اڃا تائين اهڙو اشارو نه ڏنو آهي. مون صرف اهو چيو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، اتي عوامي بغاوتون ٿيون آهن، اهي تمام گهڻيون پريشان ڪندڙ آهن، هر پارٽي ان بابت پريشان آهي. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ ان هائوس تبديلي جو فيصلو برقرار رکيو. پيپلزپارٽي اڳواڻن اعلان ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ واري آهي. ذريعن موجب آصف علي زرداري آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي حڪومت سازي جو باقاعده اعلان ڪندو. پ پ آزاد ڪشمير جي اڳواڻ چوڌري ياسين چيو ته آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ڪير هوندو، فيصلو پارٽي قيادت ڪندي. اجلاس جو پهريون سيشن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيو صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿيون. حتمي فيصلو ڪيو ويو ته پ پ آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي. بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪندو.