اسلام آباد (بيورو) تحريڪِ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گهرو وزارت جي ذريعن موجب دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو گهربل ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 17 تحت نه پر دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت لڳائي وئي، واضح رهي ته گهرو کاتي اڳ ۾ ئي ٽي ايل پي تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ گهرو وزارت مذهبي جماعت تي پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي، گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سمجهي ٿي ته ٽي ايل پي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، تنهن ڪري انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت ان جماعت کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب حڪومت وٽ اهڙا ثبوت موجود آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ٽي ايل پي جا تانا بانا دهشتگرد تنظيمن سان ڳنڍيل آهن.