ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) ڪراچي مان نيڪالي ڏنل افغان پناھگيرن ٺٽي ۾ ڊيرا ڄمائي ورتا، پوليس ڪارروائي ڪري عورتن ۽ ٻارن سميت 35 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا. حڪومت پاران غيرقانوني افغان پناھگيرن کي ملڪ مان نيڪال ڪرڻ جي فيصلي بعد سنڌ ۾ به آپريشن جاري / آهي. ڪراچي مان نڪتل ڪيترن ئي افغان پناھگيرن ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ اچي عارضي رھائش اختيار ڪئي هئي. اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ٺٽو ماجد ڪورائي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 35 افغان پناھگير گرفتار ڪري سندن سامان تحويل ۾ ورتو. پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي، جن کي قانوني ڪارروائي بعد افغانستان موڪليو ويندو.