راولپنڊي (م ڊ) لڪي مروت ۽ ٽانڪ ۾ فورسز جي ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافته 16 خارجي مارجي ويا، ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي 8 ڀارتي حمايت يافته دهشت گردن کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب فورسز ٽانڪ ۾ ڀارتي حمايت يافتبه خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشت گردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشت گرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو، دهشت گرد سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين خلاف دهشت گرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشت گردي خلاف مهم جاري رکندا ۽ ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي واري فتني کي پاڙ کان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽانڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي، فورسز موجب ان کان اڳ سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت جي علائقي وانڊه شيخ الله ۾ آپريشن ڪيو، جتي پڻ 8 دهشت گرد مارجي ويا.