ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملير ڪنٽونمينٽ جي رهواسين کان ڪي ايم سي پاران بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وصولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ملير ڪنٽونمينٽ جي سي اي او جي غيرحاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت سي اي او کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ يا لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي پاران جواب لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.