عبدالله جو لاش کيس ڌمڪيون ڏيندڙ جي ڪمري مان مليو: والد

ڄامشورو( رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو ) ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (لمس) جي بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي چوٿين سال جي شاگرد ڊاڪٽر عبدالله سومرو جو لاش 18 آڪٽوبر تي السينا بوائز هاسٽل جي روم نمبر 144 مان گولي لڳل حالت ۾ هٿ آيو هو، جنهن معاملي تي سندس والد حاجي خان سومرو طرفان قتل جو الزام لڳائي جڊيشل جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔ عبدالله سومرو جي والد حاجي خان سومرو پٽ جي لاش هٿ اچڻ کانپوءِ السينا بوائز هاسٽل پهچي جائزو ورتو ۽ لمس يونيورسٽي جي انتظاميا سان ملاقات پڻ ڪئي۔ ان موقعي تي مقتول شاگرد عبدالله سومرو جي والد حاجي خان سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجو پٽ ڪنهن به حالت ۾ خودڪشي جو سوچي به نٿو سگهي، کيس هڪ سوچي سمجهي سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي۔ هن چيو آهي ته سندس پٽ کي يونيورسٽي جي پي جي هاسٽل جي روم نمبر 35 تي الاٽمينٽ ٿيل هئي پر سندس لاش وري السينا بوائز هاسٽل جي روم نمبر 144 مان هٿ آيو آهي جيڪو شاگرد وڪرم جو ڪمرو آهي۔ هن الزام هنيو آهي ته وڪرم عبدالله کي مختلف وقتن تي ڌمڪيون ڏيندو رهندو هو، جنهن جي عبدالله جي دوستن به تصديق ڪئي آهي۔ حاجي خان سومرو وڌيڪ چيو آهي ته سال 2024 ۾ عبدالله کي ڌمڪيون مليون هيون، جنهن کانپوءِ هو پريشاني سبب آرام جون گوريون کائيندو هو، مون 4 اپريل 2024 تي وڪرم کي ميسيج ڪيو هو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ کي ڪجهه ٿيو ته تون ذميوار هوندين، ۽ هاڻي جڏهن عبدالله جو لاش وڪرم جي ڪمري مان مليو آهي ته اسان کي پڪ ٿي وئي آهي ته اهو قتل آهي، هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو آهي ته محسن ٻگهيو، جيڪو لمس يونيورسٽي جو شاگرد به ناهي، هڪ آئوٽ سائيڊر هجڻ باوجود هاسٽل تائين ڪيئن پهتو؟ هن چيو ته محسن ٻگهيو ۽ وڪرم سميت چار ڄڻن جو هڪ گروپ آهي، جن عبدالله کي قتل ڪيو آهي،واقعي جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.