کورواهه ۾ روڊ حادثو، اسماعيل راهو جي ڀيڻ سميت 6 ڄڻا زخمي

گولاڙچي (رپورٽ:عيدن زندپور) کورواھ ڀرسان روڊ حادثي ۾  صوبائي وزير اسماعيل راھو جي ڀيڻ حسنه راھو  سميت 6 ڄڻا / زخمي ٿي پيا. کورواھ چوڪ بس اسٽاپ وٽ ٻن ڪارن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو ، جنھن جي نتيجي ۾ صوبائي وزير اسماعيل راھو ۽ گولاڙچي جي اڳوڻي تعلقي ناظم اسلم راھو جي ڀيڻ حسنه راھو سميت ڇهھ ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ غلام شاھ موري واسي ستار چانڊيو، علي چانڊيو، ولي درس ۽ ٻيا شامل، زخمين کي تعلقي اسپتال گولاڙچي مان ابتدائي طبي امداد بعد انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو ويو  جڏهن ته  شھيد فاضل راھو جي نياڻي حسنه راھو کي وارث ڪراچي کڻائي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.