واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ آمريڪي رسالي کي انٽرويو ۾ چيو ته والاريل اولهه ڪنارو اسرائيل ۾ ضم نه ٿيندو، عرب ملڪن سان واعدو ڪيو هو ته ائين نٿا ڪري سگهون. اسان کي عربن جي حمايت آهي، ائين ٿيو ته اسرائيل آمريڪا جي حمايت وڄائي ويهندو. گذريل ڏينهن اسرائيلي پارليامينٽ والاريل اولهه ڪناري تي قبضي جو بل منظور ڪيو هو. ٽرمپ چيو ته نيتن ياهو کي حملن کان روڪيو ۽ چيو ته دنيا اوهان جي خلاف آهي، اسرائيل دنيا جي ڀيٽ ۾ ننڍڙي جاءِ آهي. قطر تي اسرائيلي حملو غلط حڪمت عملي هئي. هن چيو ته هو مستقبل ۾ غزا پٽي جو دورو ڪندو، منهنجو خيال آهي ته سعودي عرب سال جي آخر تائين ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿي ويندو.