ڪراچي(رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين چيئرپرسن، ايم آر ڊي (تحريڪِ بحاليءِ جمهوريت) جي باني ۽ “مادرِ جمهوريت” بيگم نصرت ڀٽو جي چوڏهين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي،هڪ بيان ۾ هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت، برابري ۽ انساني حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اها پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندي۔ آمريت، ظلم ۽ جبر خلاف هن جيڪا ثابت قدمي، همت ۽ قرباني ڏيکاري، اها هر جمهوريت پسند لاءِ مشعلِ راهه آهي، صدرِ آصف علي زرداري مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي جدوجهد دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بي مثال همت ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو،هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري، سياسي بصيرت ۽ جدوجهد آج به قوم لاءِ مشعل راهه آهي۔ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه هئي، پر هڪ پيار ڪندڙ زال، مهربان ماءُ، ڀيڻ ۽ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان باوقار ۽ خوبصورت خاتون اول هئي۔سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمہوريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ خدمتون ناقابلِ فراموش آهن۔ عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ به بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکي۔