اوٿل: چيڪ پوسٽ تي مسافر بس گهڻي دير تائين روڪڻ سبب بيمار ٻار فوت

اوٿل(عوامي آواز نيوز) بلوچستان جي ضلعي لسبيلي ۾ ڪوئٽه-ڪراچي شاهراهه تي واقع ڪوسٽ گارڊز جي چيڪ پوسٽ تي هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور تي هڪ مسافر بس کي گهڻي دير تائين روڪڻ سبب بيمار ٻار جي حالت بگڙي وئي ۽ هو فوت ٿي ويو۔هي واقعو اوٿل جي چيڪ پوسٽ تي پيش آيو، مقامي ماڻهن موجب، مسافرن کي ڇهه ڪلاڪ تائين روڪيو ويو، جنهن دوران هڪ عورت جو ٻار، جيڪو بخار ۾ مبتلا هو، دم ڏئي ويو۔واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ  بعد عوام ۾ سخت غم ۽ غصو پکڙجي ويووڊيو ۾  عورت براهوي ٻوليءَ ۾ روئي ڪري پئي چيو ته اسان جو ٻار بيمار هو، اسان کيس علاج لاءِ ڪراچي کڻي پئي ويا سون، پر اسان کي ڇهه ڪلاڪ روڪيو ويو، جنهن سبب منهنجو ٻار فوت ٿي ويو،واقعي جي خلاف اوٿل ۾ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ ڪوئٽه-ڪراچي قومي شاهراهه ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويئ،بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ به هي معاملو اٿاريو ويو، جتي گوادر مان ايم پي اي مولانا هدايت الرحمان چيو ته اسان ڪيترا ئي ڀيرا بلوچستان جي چيڪ پوسٽن تي عوام سان ٿيندڙ غير انساني روين بابت ڳالهه ڪئي آهي، پر ڪنهن تي اثر نٿو پوي۔ اهو واقعو انهن ئي روين جو نتيجو آهي،ان واقعي جو بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نوٽيس ورتو ۽ ڪمشنر قلات ڊويزن کي جاچ جو حڪم ڏنو، سرفراز بگٽي چيو ته عوام سان غيرانساني رويو ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ وفاقي ادارن سان به رابطو ڪيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.