پنجاب حڪومت سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي بند ڪري ڇڏي،پ پ جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر ) پنجاب حڪومت سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي بند ڪري ڇڏي، پنجاب حڪومت پاران صرف پنجاب صوبي کي ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جاري، سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي بند ڪرڻ سبب سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو، پيپلز پارٽي جو پنجاب حڪومت جي تعصباڻي رويي خلاف وفاق آڏو سخت احتجاج. وزيراعظم کان مداخلت ڪري پنجاب حڪومت کان سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي فوري شروع ڪرائڻ جو مطالبو. اهڙو مطالبو خميس ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو پاران وفاقي حڪومت کان ڪيو ويو آهي. نثار کهڙو چيو آهي ته ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي شروع ٿيڻ واري آهي پر پنجاب حڪومت جي ايگريڪلچر ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ پنجاب  جي خوراڪ کاتي پنجاب حڪومت جي حڪم تحت سنڌ کي لکين ڪڻڪ جي ٻج جي ٻورين جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي جنهن سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لکين ايڪڙن تي ٻڌل فصل جي پوکائي سخت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي جيڪڏهن پنجاب حڪومت سنڌ کي ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي نه ڪئي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته  پنجاب حڪومت جو  اهو عمل آبادگار ۽ هاري دشمن عمل آهي. پنجاب حڪومت جي ان رويي تي وفاق آڏو سخت احتجاج ڪيون ٿا ۽ وزيراعظم کان مطالبو ٿا ڪيون ته هو فوري طور تي مداخلت ڪري پنجاب حڪومت کان سنڌ لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جو عمل فوري طور شروع ڪرائي نه ته ڪڻڪ جي پيدوار ۾ گهٽتائي ٿيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز جي 11 هزار ملازمن کي بيروزگار ڪري پرائيويٽائيزيشن ڪميشن پاران انهن برطرف ملازمن کي 27 ارب روپين کان وڌيڪ رهتون ادا نه ڪري رهي آهي جيڪو وفاقي حڪومت جو عمل ملازم ۽ غريب دشمني آهي ان لاءِ اسين وزيراعظم کان مطالبو ٿا ڪيون ته جيڪي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جا ملازم والنٽري اسڪيم نه ٿا وٺن انهن ملازمن کي سرپلس پول ۾ رکيو وڃي،هن چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ غيرآئيني طور تي ايف بي آر طرفان سنڌ جي صنعتي يونٽس مان ورڪرز ويلفيئر فنڊ جا وصول ڪيل 172 ارب رپيا اڃان تائين سنڌ کي ادا نه ڪيا پيا وڃن. ان لاءِ وزيراعظم سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي سي سي آءِ جي آئيني فورم جي ذريعي ايف بي آر پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ وصول ڪيل 172 ارب روپيا سنڌ کي ڏياري. وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ فنڊ ۽ اِي او بي آءِ سنڌ جي حوالي ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.