بوٽ بيسن ۾ اربين رپين جي پلاٽ تان بلڊر جو کنڀجڻ، پيرا ”وڏي سياسي گهر“ تائين پهتا؟

ڪراچي(حنيف دوامي) ڪراچيءَ جي مشهور بلڊر جاويد اقبال جي مبينه اغوا يا گرفتاري بابت حيرت انگيز انڪشاف سامهون آيا آهن۔ رپورٽ موجب، هي واقعو رڳو عام اغوا جو نه، پر سياسي ۽ انتظامي لاڳاپن جو هڪ پيچيده سلسلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جا رستا سڌا ”هڪ وڏي سياسي گهر“ تائين وڃي پهچن ٿا،خبرن موجب سوشل ميڊيا تي گذريل ٻن ڏينهن کان اها خبر ڇانيل آهي ته جاويد اقبال کي اغوا ڪيو ويو آهي۔ هڪ وائرل وڊيو ۾ ڏٺو ويو آهي ته پوليس جون موبائلون استعمال ٿي رهيون آهن ۽ انهن ۾ جاويد اقبال کي کڻي وڃڻ جا منظر صاف نظر اچي رهيا آهن۔وڊيو ۾ مبينه طور سي ٽي ڊي جي موبائلون ۽ عملو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ خاص طور تي هيڊ ڪانسٽيبل ڪفيل کي سڃاڻي سگهجي ٿو، جيڪو سي ٽي ڊي  ۾ پوسٽ ٿيل آهي ۽ ڪنهن وڏي آفيسر جو فرنٽ مين ٻڌايو وڃي ٿو،رپورٽ موجب، جاويد اقبال ۽ اهم سياسي ۽ آئيني شخصيت جي ڪاروباري ڀائيوار  وچ ۾ بوٽ بيسن تي اربين رپين جي پلاٽ تي تڪرار هلندڙ آهي، پلاٽ جي ملڪيت جا ڪاغذ جاويد اقبال وٽ آهن، پر قبضو مبينا طور ”ڪاروباري شخصيت“ جي  ماڻهن وٽ آهي،9 آڪٽوبر تي  هڪ اداري جا آفيسر جڏهن هڪ دهشتگرد جي ڳولا ۾ انهي پلاٽ تي پهتا، تڏهن جاويد اقبال جا ماڻهو سمجهي ويٺا ته اهي کين گرفتار ڪرڻ آيا آهن، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ سخت جهيڙو ٿيو۔ بعد ۾ ”اداري“ جي ٽيم واپس آئي ۽ ”سياسي گهر“ سان لاڳاپيل ماڻهن کي به ڪٽڪو ڏنو ويو،رپورٽ موجب، اهو ئي واقعو ”سياسي هائوس“ جي ماڻهن لاءِ “بي عزتي” جو سبب بڻيو، جنهن جو بدلو وٺڻ لاءِسي ٽي ڊي پوليس کي استعمال ڪيو ويو،ذريعن موجب وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد ڪارروائي ڪندڙ پوليس آفيسر ڊڄي ويو ۽ معاملو هڪ ڊي آءِ جي  جي حوالي ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ڊي آءِ جي، جاويد اقبال ۽ اعظم آفريدي وچ ۾ ٺاهه لاءِ   ڪوششون ڪري رهيو آهي،جڏهن ته هن سڄي معاملي ۾ سنڌ پوليس جا اعليٰ ترين عملدار مڪمل طور خاموش آهن،جڏهن ته جاويد اقبال جي گرفتاري يا اغوا بابت  پوليس اڃا تائين رسمي طور ڪابه تصديق يا وضاحت نه ڪئي آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.