اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عمران ۽ سهيل آفريدي ۾ ملاقات ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي  ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  خميس ڏينهن اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي ته 24 مارچ جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، جنهن تحت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان هفتي ۾ ٻه دفعا ملاقاتن جو شيڊول بحال ڪرڻو هو. هي هدايتون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وڏي بينچ پاران جاري ڪيون ويون، جنهن جي سربراهي جسٽس محمد سرفراز ڊوگر ڪري رهيا هئا، جڏهن ته بينچ ۾ جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس محمد اعظم خان پڻ شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.