وارَن کي ڊاءِ ڪندڙ عورتون خبردار!

وارن جي معاملي ۾ عورتون ڪجهه وڌيڪ حساس هونديون آهن ۽ آئي ڏينهن وارن کي نئون لُڪ ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنديون آهن.
وارن کي نئون لُڪ ڏيڻ لاءِ عورتون يا ته وارن جي ڪٽنگ ڪرائينديون آهن يا وري بنا ضرورت وارن کي ڊاءِ ڪرائينديون آهن.
مختلف رنگن جي وارن جي خواهش هجڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، قديمي زماني ۾ مهندي وارن کي رنگ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي.
پر هاڻ دور مٽجي رهيو آهي ۽ روز نوان ٽرينڊ متعارف ٿي رهيا آهن ۽ جديد هيئر ڪٽ کانپوءِ مختلف قسمن جي رنگن سان وارن کي نئون لُڪ ڏنو ويندو آهي.
هڪ تحقيق موجب ان هيئر ڊاءِ ۾ مختلف قسم جا ڪيميڪلز هوندا آهن، جيڪي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
محققن موجب ان هيئر ڊاءِ ۾ موجود ڪيميڪلز انساني جسم ۾ هارمونز جي افعال ۽ سطح ۾ خلل وجهندي ڪينسر جي امڪانن کي وڌائيندا آهن.
لاڳاپيل ڪيميڪلز ۾ خوشبودار امينز (amines) شامل هوندا آهن، جيڪي عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر، نان نجڪن ليمفوما، ليوڪيميا ۽ جلد جي ڪينسر جو ڪارڻ بڻجندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.