اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي بندش جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي عائد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ باقاعده ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي . وزير اعظم شهباز شريف جي زير صدارت وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪابينا کي ملڪ ۾ ٽي ايل پي جي پرتشدد ۽ دهشتگردي واري سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ان دوران پنجاب حڪومت جي اعليٰ آفيسرن ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.وفاقي ڪابينا جي پڌرائي موجب، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2016 ۾ قائم ٿيل هن تنظيم ملڪ ۾ شرانگيز سرگرمين کي هٿي ڏني، ۽ تنظيم جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ شرانگيز واقعا پيش آيا. 2021 ۾ پڻ انهي وقت جي حڪومت ٽي ايل پي تي پابندي لڳائي هئي، پر ڇهن مهينن کانپوءِ اها پابندي ان شرط تي هٽائي وئي هئي ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۾ بدامني ۽ پرتشدد ڪارروائيون نه ڪيون وينديون. پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 2021 ۾ ڏنل ضمانتن جي ڀڃڪڙين جي ڪري پڻ ٽي ايل پي تي پابندي عائد ڪئي وڃي ٿي. ماضي ۾ به ٽي ايل پي جي پرتشدد جلسن ۽ ريليون ۾ سيڪيورٽي اهلڪار ۽ بي گناهه واٽهڙو جانين کان محروم ٿي چڪا آهن. وفاقي ڪابينا گڏيل طور تي هن نتيجي تي پهتي آهي ته ٽي ايل پي دهشت گردي ۽ پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهي. ڪابينا گهرو وزارت کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ جا حڪم ڏئي چڪي آهي. ذريعن مطابق، هاڻي ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري جو معاملو وزارت قانون کي موڪليو ويندو، جتي وزارت قانون ان بابت باقاعده ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪندي. سپريم ڪورٽ کان ريفرنس جي منظوري بعد، اليڪشن ڪميشن ٽي ايل پي کي ڊي نوٽي فاءِ ڪري ڇڏيندو ۽ پابندي عائد ڪئي ويندي.ذرايع جو چوڻ آهي ته ڪابينا کان منظوري بعد 15 ڏينهن ۾ پابندي جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ فائل ڪيو ويندو، ۽ سپريم ڪورٽ ٽي ايل پي تي پابندي جو حتمي فيصلو ڪندي.