ميرپورخاص(بيورورپورٽ) نيها مبين قتل ڪيس ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو، ريلوي اختيارين پاران نيها جي قتل واري وقت قتل الزام ۾ گرفتار والد جي ڊيوٽي تي موجود هجڻ جي ثبوت طور ڪجھه رڪارڊ پوليس اختيارين کي موڪلي ڇڏيو، 13 آڪٽوبر 2025 تي قتل ٿي ويل ناري نيها مبين جي ڪيس ۾ ميرپورخاص پوليس پاران سندس والد مبين احمد کي گرفتار ڪري عدالت مان ٻن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪرڻ ۽ نيها جي امڙ عاشي پاران نيها جو قتل سندس مڙس ۽ نيها جي والد پاران ڪرڻ واري بيان بعد ڪيس ۾ هڪ نئون موِڙ اچي ويو، اعتماد جوڳن ذريعن موجب ريلوي اختيارين قتل الزام ۾ گرفتار ريلوي جي ملازم نيها جي والد مبين احمد جي ڊيوٽي تي موجود هجڻ ۽ سندس ڌيءَ جي موت جي اطلاع کيس ڪراچي ۾ ملڻ جي حوالي سان ڪجھ اهم ثبوت پوليس حوالي ڪيا آهن جن ۾ حاضري رڪارڊ سميت ٻيو مواد شامل آهي، پوليس اختيارين پاران ريلوي اختيارين جي مبينا موڪليل ثبوتن جي تصديق ڪرائڻ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي پئي وڃي جيڪا ڪراچي وڃي فراهم ڪيل ثبوتن جي تصديق ڪندي ته آيا ميرپورخاص پوليس کي مليل مواد اصل آهي يا نه ۽ ان مواد ۾ ڪيتري سچائي آهي، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري رابطي تي چيو ته ريلوي اختيارين پاران قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل مبين جي قتل واري ڏينهن ڪراچي تي ڊيوٽي تي موجود هجڻ جا ثبوت ميرپورخاص پوليس جي اختيارين کي فراهم ڪرڻ جي ڪنهن ليٽر يا مواد بابت مون کي خبر ناهي ۽ نه وري مون کي پوليس يا ريلوي جي اختيارين پاران اهڙو ڪو ثبوت يا ليٽر ڏنو ويو آهي.