مودي کي چيو آهي ته پاڪستان سان جنگ نه ٿيڻ گهرجي: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ)  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي چيو آهي ته پاڪستان سان جنگ نه ٿيڻ گهرجي، ڀارت روس کان تمام گهڻو تيل خريد نه ڪندو، عرب نيوز جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ اها ڳالهه واشنگٽن جي اوول آفيس ۾ ڏياري جي تقريب دوران خطاب ڪندي چئي، جنهن ۾ ڀارت ڄايل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ٽرمپ ٻڌايو ته 10 مئي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن زميني، فضائي ۽ سمنڊ ۾ فوجي ڪارروايون روڪڻ تي اتفاق ڪيو، اها جنگبندي صدر ٽرمپ جي اعلان هيٺ عمل ۾ آئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن اهو واعدو ڪيو ته علائقي جي امن کي خطري ۾ وجهندڙ ڪا به ڪارروائي نه ڪندا، ٽرمپ چيو ته مون اڄ توهان جي وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي، اسان جي سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان واپار بابت ڳالهايو ۽ مون کيس چيو ته پاڪستان سان جنگ نه ٿئي، منهنجي خيال ۾ واپار جا مسئلا بحث هيٺ اچڻ سبب آئون اها ڳالهه موثر نموني سان چئي سگهيس ۽ هاڻي ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ نه آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي، ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته ڀارتي وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته نئين دهلي روس کان تيل خريد نه ڪندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ تڪراري موضوع بڻجي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.