اسلام آباد(بيورو)فافن قومي اسيمبلي جي 19هين اجلاس بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي، جنھن موجب ايوان جي 25 سيڪڙو ميمبرن ڪنھن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي۔ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته 111 ميمبرن سڀني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته سڀ کان وڌيڪ 200 ميمبرن ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڀ کان گھٽ 159 ميمبرن ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي۔ 216 ميمبرن گھٽ ۾ گھٽ ھڪ اجلاس ۾ غيرحاضري اختيار ڪئي، جن مان صرف 50 ميمبرن موڪلن جي درخواست ڏني، جڏھن ته 166 ميمبر بغير درخواست جي غير حاضر رھيا۔ فافن موجب وزيراعظم ڪنھن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ اپوزيشن ليڊر جو عهدو به سيشن دوران خالي رھيو۔ چار وفاقي وزيرن ۽ ھڪ وزيرِ مملڪت سڀني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته ڏھ وفاقي وزيرن ۽ پنج وزيرِ مملڪت ڪنھن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي،ٻوڏ واري صورتحال تي بحث دوران ميمبرن جي حاضري افسوسناڪ حد تائين گھٽ رھي۔ عورت ميمبرن جي حاضري مرد ميمبرن کان بھتر رھي، جن مان 35 عورتن سڀني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته 12 عورتن ڪنھن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي۔