وفاقي سرڪار جو ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير رانا تنوير حسين غذائي تحفظ بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آھي ته حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته شگر ملن تي ڪرشنگ جلد شروع ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نه وجھبو۔ ھن چيو ته ھاڻي ھر شگر مل پنهنجي سهولت موجب ڪرشنگ شروع ڪري سگھي ٿي، چاھي نومبر جي پھرين ھفتي ۾ ڪري يا ويھين تاريخ تي۔ وفاقي وزير موجب گذريل سال ڪمند جي قيمت 400 کان 700 رپيا في مڻ ھئي، پر آءِ ايم ايف معاهدي تحت حڪومت ڪمند جي قيمت مقرر نه ٿي ڪري سگھي،ياد رهي ته  وفاقي حڪومت ۽ شگر ملز جي وچ ۾ نومبر جي پھرين ھفتي ڪرشنگ شروع ڪرڻ جو معاهدو ٿيو ھو، جنھن تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صحيح موجود آهي، البت ھاڻي حڪومت مڪمل طور تي شگر ملز جي مفاد کي ترجيح ڏني آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.