کهڙا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سڳيون واسي قتل

گمبٽ (رپوٽ:شير محمد ناريجو) گمبٽ ڀرسان کھڙا شهر ۾هٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو،کھڙا ٿاڻي جي حد ۾ سهتا پاڙي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽر سائيڪل سوار شخص کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا، شهرين جي اطلاع تي کهڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي گمس اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته  مقتول شخص جي سڃاڻپ تعلقي سوڀوديرو جي سڳيون واري ڪچي جي علائقي جي رهواسي قربان چنا جي نالي سان ٿي آهي، کهڙا پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ اسان ان واقعي بابت جاچ ڪيون ٿا ته اصل معاملو ڇا آهي، جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.