معاشي ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپ ڪاري جون سکڻيون دعوائون،بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ واڌ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)معاشي ترقي جا آثار نه ئي پرڏيهي سيڙپ ڪاري آئي،بيروزگاري ۽ غربت وڌڻ لڳي،ناڻي وارو وزير سڌارن ۾ ناڪام،آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال مهانگائي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري چڪو آهي،حڪومت سڌارن جي دعوائن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي،پرڏيهي سيڙپڪاري جون دعوائون به حقيقت نه بڻجي سگهيون،جي ڊي پي گروٿ جي حوالي سان گذريل چار سال بدترين رهيا، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه پئي اچي،ڪو به ملڪ کڻو،بجلي ۽ گئس جا اگهه پاڪستان کان مهانگا هوندا،حڪومت ٽن سالن ۾ ڪي به خرچ گهٽ نه ڪيا،رڳو ٽيڪس وڌايا آهن، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ايڪسپورٽ گهٽ ٿي رهي آهي،بجلي ۽ گئس جي اسان جي پاليسي غلط آهي،ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ واڌ ٿي رهي آهي،معاشي اوسر جي شرح 3 سيڪڙو کان گهٽ آهي،في ڪس آمدني گهٽ ٿي رهي آهي،غربت وڌي رهي آهي،بيروزگاري وڌي رهي آهي،پاڪستان 20 سالن کان ڀارت،بنگلاديش کان پوئتي هلي رهيو آهي،ٽن سالن ۾ اسان پنهنجي پاڻ کان به پوئتي ٿي ويا آهيون،حڪومت جو ڪو به بيانيو ڪم نه پيو ڪري،هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ پينشن سڌارا ڪيا وڃن،اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻو پوندو،جي ڊي پي ۾ واڌ لاءِ نجڪاري ڪئي وڃي، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ونڊ پراجيڪٽ شروع ڪيا وڃن،ان سان في يونٽ 14 رپين ۾ پوندو، سولر ۽ بايوگئس رٿائون شروع ڪيون وڃن،گرڊ واري بجلي مهانگي آهي ان مان جان ڇڏائڻي پوندي،وياج شرح خانگي شعبي کي واري ۾ نه پئي اچي،هن وقت دنيا ۾ تيل سڀ کان سستو ملي رهيو آهي،حڪومت ٿورا فيصلا ٺيڪ ڪري ته معاشي ترقي ممڪن آهي،معاشي اوسر جي شرح 5 سيڪڙو تائين آڻڻي پوندي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 11 ارب ڊالر جي فرق تي آءِ ايم ايف به سوال اٿاري ڇڏيا آهن،هن چيو ته حڪومت واعدي مطابق پينشن سڌارا نه آندا،حڪومت سياست کان مٿانهان فيصلا ڪري،معاشي ماهرڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو آهي ته ٻوڏ سبب هن سال معاشي اوسر 2 سيڪڙو رهي سگهي ٿي،اسان جي سيڙپڪاري حد خطرناڪ حد تائين گهٽجي وئي آهي،2025 ۾ صنعتن ۾ سيڙپڪاري 25 سالن جي عرصي ۾ تمام گهٽ سطح تي ٿي آهي،اسان جي پاڙيسري ملڪن جي اوسر جي شرح ساڍا 5 سيڪڙو آهي،ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 500 ملين ڊالر آهي،واپاري خسارو 600 ملين ڊالر آهي،هن چيو ته گذريل ٽه ماهي ۾ ترسيلات زر ۾ 60 سيڪڙو گهٽ ٿي رهي آهي،تقريبن 700 ملين ڊالر گهٽتائي ٿي آهي،هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان 22 سيڪڙو بيروزگاري شرح آهي،هڪ ڪروڙ 50 لک نوجوان بلڪل ڪجهه  به نه پيا ڪري سگهن،جن وٽ روزگار آهي انهن جي آمدني ۾ اضافو نه پيو ٿئي،تعميرات جي شعبي ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي،هن چيو ته حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته پاڪستان کي ان ڌٻڻ مان ڪيئن ڪڍيو وڃي،وزيراعظم ميثاق معيشت جو اعلان ڪيو هو،وقت اچي ويو آهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي،هن چيو ته سڌارن جي سلسلي ۾  اسان جي برآمد متاثر ٿي رهي آهي، ان ۾ ساليانو  9 سيڪڙو اضافو ٿيڻ گهرجي،2001 کان 2008ع تائين ايڪسپورٽ ساليانو 10 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي،ان جو سبب مراعتون هيون،اسان ايڪسپورٽرن تي هڪ سيڪڙو فڪس لڳايو هو،اهو حڪومت گذريل سال جي بجيٽ ۾ ختم ڪري ڇڏيو،رپئي جي قدر کي مصنوعي طور مٿي رکيو ويو آهي، هن وقت بئنڪنگ،ڪارپورٽ سيڪٽر۽ پگهاردار طبقي مان روينيو ملي رهيو آهي،ٽي ٻيا شعبا آهن جتان بي شمار روينيو حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پراپرٽي جو شعبو آهي جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي 6 ٽيڪس آهن،ان مان اسان 200 ارب رپيا حاصل ڪريون ٿا،ٻيو هول سيل رٽيل واپار شعبي مان آمدني نه پئي ٿئي،گذريل سال وزيراعظم تاجر دوست پاليسي جو اعلان ڪيو 50 ارب رپين جو هدف رکيو ويو هو پر ان جو چوٿون حصو به حاصل نه ٿي سگهيو،ٽيون زراعت ۾ وڏن زميندارن کان ٽيڪس نه پيو ورتو وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.