پ پ سنڌ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي\سلمان راجا

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ گير عوامي رابطا مهم جي شروعات جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نومبر ۾ ڪراچي ۾ وڏي عوامي ريلي منعقد ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ به اهڙا جلسا ڪيا ويندا۔پارٽي طرفان جاري بيان موجب هي فيصلو پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل بئرسٽر سلمان اڪرم راجا جي ڪراچي دوري دوران ڪيو ويو، جتي هن پارٽي جي اڳواڻن حليم عادل شيخ، شبير قريشي ۽ جمال صديقي سان ملاقاتون ڪيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر سلمان اڪرم راجا چيو ته پارٽي مڪمل طور متحد ۽ متحرڪ آهي ۽ عمران خان جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رهندي۔سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾، راجا ناصر عباس کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو، سنڌ جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي بئرسٽر راجا چيو ته “پيپلز پارٽي گذريل 17 سالن ۾ سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي،ڪراچي کان وٺي سموري سنڌ ۾ سڀ شهر بدانتظامي، بدامني ۽ زبون حالي جو شڪار آهن، عوام جي زندگي مشڪل بڻجي وئي آهي،سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته هن سنڌ جي ڪيترن شهرن جو دورو ڪيو جتي هر هنڌ مايوسي ۽ ويرانين جا منظر ڏٺا۔”هن الزام هنيو ته “پيپلز پارٽي جي ڪرپشن سنڌ جا عوامي وسيلا لٽي ڇڏيا آهن، پر هاڻي سنڌ جا ماڻهو جاڳي چڪا آهن۔ جتي به اسان وياسين، عمران خان لاءِ عوامي محبت جو عجيب جوش ڏٺو۔ سنڌ جا ماڻهو تبديلي چاهين ٿا، ۽ ايماندار، بهادر ۽ قوم دوست اڳواڻ عمران خان تي اعتماد رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.