اسٽيبلشمنٽ تائين پهچ صرف خواجا آصف کي ئي ڇو حاصل آهي؟ \جاويد لطيف

شيخوپورا (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف سوال اُٿاريو آهي ته اسٽيبلشمنٽ تائين پهچ صرف خواجا آصف کي ئي ڇو حاصل آهي؟ ٻين کي ڇو ناهي؟ تفصيل مطابق پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهه ٻول ڪندي  هن چيو ته جيڪڏهن توهان اها ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته خواجا آصف پاڻ چوندو آهي ته 2018 ۾ هن آرمي چيف کي فون ڪئي ته پوءِ ريحانه ڊار به ڳالهائيندي. توهان ڇو اهڙي طرح رابطو ڪري ڳالهايو؟ ۽ اها رسائي صرف خواجا آصف کي ڇو حاصل آهي؟ ٻين کي ڇو ناهي؟ ۽ اها ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي. ميان جاويد لطيف چيو ته مان هن حوالي سان بلڪل صاف آهيان، جيڪڏهن خواجا آصف يا اسان جي پارٽي جو ڪو ٻيو ميمبر آهي، جنهن جو اهڙو ڪردار هوندو، ته اهو ان جي پنهنجي ذمي هوندو، ان جو مسلم ليگ ن سان ڪو تعلق ناهي، اسان جي جماعت ۽ نظریہ صرف نوازشريف آهي، جيڪڏهن انهن اهڙو ڪو ڪم ڪيو آهي، ته اهو مون کي حوالو ڏئي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.