اسلام آباد/مظفر آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي صدر مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير شاهه غلام قادر جي بيان کي غير ضروري قرار ڏنو آهي. آزاد ڪشمير حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو قيادت ڪندي. پارٽي جي ذريعن مطابق آزاد ڪشمير کان ڌار ٿيڻ بابت فيصلا مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف، شهباز شريف ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪندا. هن وقت حڪومت ختم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ نه ئي ڌار ٿيڻ جو معاملو غور هيٺ آهي.ذريعن موجب شاهه غلام قادر کي سياسي طور تي احتياط برتڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ان کان اڳ، مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي ٿي ته اهو ان جو جمهوري حق آهي. بهرحال مسلم ليگ (ن) ڪنهن به نئين يا غير فطري حڪومت سازي جو حصو نه بڻجندي. شاهه غلام قادر موجب، مسلم ليگ (ن) هاڻ اپوزيشن ۾ ويهندي ۽ پنهنجي سياسي جدوجهد آئيني ۽ جمهوري دائري اندر جاري رکندي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت رڳو صاف ۽ شفاف عام چونڊن ذريعي ئي قائم ٿي سگهي ٿي.