پاڪستان کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان سرحد پار دهشتگردي جي جنهن لهر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان خلاف تازي عسڪري ڪارروائي کي صرف هڪ فوجي آپريشن نه، پر ”فتنه الخوارج“ جي خلاف هڪ لازمي شرعي، اخلاقي ۽ قومي فريضي طور سمجهڻ گهرجي. هي اهو فتنو آهي جيڪو اسلام جي مقدس نالي کي پنهنجي دهشت ۽ وحشت لاءِ ڍال بڻائي ٿو ۽ مسلمانن جو ئي خون وهائي زمين ۾ فساد برپا ڪري ٿو. اسلامي تعليمات هر رياست ۽ فرد کي پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت جو واضح حق ڏين ٿيون. ان جو بنياد صحيح مسلم جي مستند حديث (نمبر 140) ۾ ملي ٿو، جتي رسول الله ﷺ فرمايو ته ”جيڪو شخص پنهنجي مال جو دفاع ڪندي مارجي وڃي، اهو شهيد آهي.“ جڏهن هڪ فرد جي ذاتي دفاع جو اهو مقام آهي ته پوءِ پاڪستان جهڙي اسلامي رياست تي، جيڪا ڪروڙين جانين جي محافظ آهي، 90 هزار کان وڌيڪ شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو خون وهائيندڙ گروهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ اولين فرض بڻجي وڃي ٿو.
هي گروهه، جن کي صحيح معنيٰ ۾ جديد دور جا خوارج چئجي ٿو، اسلام جو لباس پائي گمراهي ۽ نفرت پکيڙين ٿا. انهن جو طريقو اهو آهي ته رياست ۽ ان جي ادارن کي غير اسلامي قرار ڏئي معصوم شهرين جي قتل کي جائز قرار ڏين. هي قرآن مجيد جي سورة النساء (آيت 93) جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن ۾ هڪ مومن کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪرڻ جي سزا هميشه لاءِ جهنم، الله جو غضب ۽ لعنت ٻڌائي وئي آهي. مشهور محدث امام ابن حجر عسقلاني جي قول موجب، انهن دهشتگردن جي مدد ڪندڙ، انهن کي پناهه ڏيندڙ ۽ انهن سان همدردي رکندڙ به انهن جي ئي زمري ۾ اچن ٿا. افغان طالبان پاران هن ”فتنه الخوارج“ کي پنهنجي سرزمين تي محفوظ پناهگاهون ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ ان حمايت جو بدترين مثال آهي، جيڪو کين هن ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ بڻائي ٿو. هي فتنو صرف اندروني ناهي، پر ان کي پاڪستان جي دائمي دشمن ڀارت جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل آهي. انهن دهشتگردن جي ڪاررواين جو حتمي فائدو اسلام ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ٿئي ٿو، جيڪي خطي ۾ عدم استحڪام جا خواهشمند آهن.
سال 2025ع ۾ ٿيندڙ 2809 حملن ۾ 126 افغان دهشتگردن جي هلاڪت، جن ۾ 8 آپگهاتي بمبار به شامل هئا، ان حقيقت جو چٽو ثبوت آهي ته هي باهه سرحد پار کان ئي ڏني پئي وڃي. تنهن ڪري، انهن خوارجن جي پناهگاهن کي تباهه ڪرڻ، جيڪي اسلام کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ معصومن جو خون وهائي رهيا آهن، قرآن جي حڪم (سورة المائده: 33) جي عين مطابق آهي. هي ڪاروائي اسلام جي دفاع، پاڪستاني عوام جي تحفظ ۽ قومي بقا لاءِ اڻ ٽر آهي.