سنڌ ۾ رتوڇاڻ، هڪ ڏينهن اندر 15 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ رتوڇاڻ، هڪ ڏينهن اندر 15 ڄڻا قتل ٿي ويا، ان سلسلي ۾ رپورٽن موجب مختلف برادرين ۾ پراڻن تڪرارن ۽ ٻين سبب جي ڪري ڌرين جي جهيڙن ۾ 15 ڄڻا قتل ٿي ويا، حڪومت ڪچي وارن علائقن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪالهه هڪ ڏينهن ۾ 15 ماڻهو قتل ٿي ويا، سجاول جوڻيجو ۾ پراڻي تڪرار سبب ٻنهي ڌرين جا 6 ماڻهو قتل ٿي ويا،  رستم ۾ جهيڙي سبب فائرنگ ۾ عورت سوڌو چار ڄڻا قتل ٿي ويا، اوٻاوڙي ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي ۾ پڻ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا.

  1. شڪارپور ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

شڪارپور (ڊ ر) پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو، ٻه زخمي، نيو فوجداري ٿاڻي جي گشتي پوليس جي بروقت ڪارروائي دوران جاڳڻ لنڪ روڊ تي ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، پوليس موجب ٻه موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڌاڙيل ڦرلٽ ڪرڻ جي نيت سان بيٺل هئا، جن پوليس پارٽي کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ دوران ساٿين جي گولي لڳڻ سبب ھڪ ڏوھاري مارجي ويو، جڏھن ته ٻه زخمي ٿي ويا. مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ خان محمد عرف خانو سندراني طور ٿي آھي، جڏھن ته سندس ساٿي زخمي ڌاڙيل کي ساڻ کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.