ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي نوجوان ناري نيھا مبين جي قتل ۾ سندس امڙ ۽ والد ملوث نڪتا، نيها جي امڙ طرفان مڙس سان گڏجي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو، مقتول نيها جي امڙ عاشي پاران انڪشاف ڪرڻ بعد پوليس نيھا مبين جي والد مبين کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس کي نيھامبين جي امڙ عاشي مبين پاران ڏنل بيان ۾ هن ڄاڻايو ته اسان جي ڌيءَ نيها ڏيڍ سال کان غلط ساهيڙين جي ور چڙهي وئي هئي، غلط صحبت جي ڪري گهر ۾ اڪثر تڪرار ٿيندو هو، نيها پاڙيسري سلمان سان شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته مون کيس سمجهايو اسين برادري کان ٻاهر نياڻين جون شادِيون نه ڪرائيندا آهيون، ضد نه ڪر ۽ پنهنجين غلط دوستن سان تعلق ختم ڪر، هوءَ تنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏينديون پر هوءَ چوندي هئي ته اوهان کي منهنجون سڀئي ساهڙيون خراب نظر اچن ٿيون وڌيڪ روڪ ٽوڪ ڪندا ته گهر ڇڏي هلي ويندس، هن وٽ موبائيل فون هو جنهن تي هو لڪ ڇپ ۾ ڳالهائيندي هئي مون کيس چيو هو ته تو وٽ موبائيل فون آهي اهو مون کي ڏئي ڇڏ پر ان کي لڪائي رکندي هئي واقعي واري ڏينهن منهنجي مڙس نيها کي فون تي ڳالهائيندي ڏسي ورتو، جنهن تي هن کيس سمجهايو ته هن گهران فرار ٿيڻ جي ڳالھه ڪئي جنهن تي مڇرجي مڙس مبين مارڪٽ ڪري سندس منهن تي ويهاڻو رکي کيس ماري ڇڏيو، مون بچائڻ جو ڪوشش ڪئي ته منهنجي مڙس مون کي به ڌڪو ڏئي ڪيرايو، پوليس ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ مبين کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي .