جيڪب آباد ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ نبيرو، هڪ ڪروڙ 71 لک رپياڏنڊ

جيڪب آباد(ن ع آ  ) جيڪب آباد جي جاگير جي علائقي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين پوليس اهلڪار ممتاز ٺارواڻي جکراڻي ۽ ڊيلڻ فقير نورواڻي جکراڻي جي وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو سردار شفقت جکراڻي ۽ ايم پي اي مير ممتاز جکراڻي جي سرپئنچي هيٺ مولاداد ۾ ٿيو سرپئنچ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي فتويٰ جاري ڪري ،فتويٰ موجب ته پوليس اهلڪار ممتاز جکراڻي جي ڀائرن ثناءُ الله جکراڻي جو خون بها 90 لک ٻئي ڀاءُ منير جکراڻي جي خون جو بھا 30 لک هڪ زخمي صالح جو 5 لک ۽ اڳرائي ڪري وڙهڻ جا 10 لک روپيا مجموعي طور ڊيلڻ فقير ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 35 لک روپيا چٽي رکي وئي جڏهن ته پوليس اهلڪار ممتاز جکراڻي ڌر مٿان ڊيلڻ فقير ڌر جي ٻن زخمين ۽ هڪ مينهن ڪاهي وڃڻ جا 36 لک روپيا چٽي رکي وئي آهي مجموعي طور ٻنهي ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ 71 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي ڊيلڻ فقير ڌر موقعي تي هڪ لک روپيا ادا ڪيو بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو ڌرين کي فتويٰ جاري ڪرڻ کان پوءِ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو آهي. 14 مهينا اڳ باءِ پاس تي ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪار شاهنواز ککراڻي کي قتل ڪري سرڪاري هٿيار ڦر ڪيو ويو هو جنهن جي پلاند ۾ پوليس ٻن ڏينهن کان پوءِ جوابدار نوڪر جکراڻي کي فل فراءِ ڪيو هو جنهن تي ڊيلڻ فقير جي ڌر پوليس اهلڪار ممتاز جکراڻي جي ڌر تي مخبري جو الزام مڙهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.