اوڪاڙا (م ڊ ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اسان روئڻ پٽڻ نه ڪيو ۽ نه ئي دنيا آڏو هٿ ٽنگيو، هن وقت تائين ڪنهن کان ڪا مدد ناهي ورتي، اوڪاڙا ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ فلڊ ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ کان ٻوڏ متاثرن جي باضابطا بحالي جو اعلان ٿي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جو 70 سيڪڙو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، متاثرن جي شفاف سروي تائين سڪون سان نه ويهنداسين، 15 ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن کي چيڪن جي ورهاست شروع ٿي رهي آهي، 100 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن لاءِ رکيا آهن، متاثرن کان سواءِ ڪنهن کي هڪ پئسو به نه ملندو، مريم نواز چيو ته مون ڪرپشن جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، متاثرن جي مدد لاءِ مون ٻاهرين دنيا آڏو هٿ نه ٽنگيو، ڪنهن کان ڪا مدد نه گهري، مون پنجاب جي عوام جي عزت نفس جو خيال رکيو، منهنجي هوندي ڪير به توهان ڏانهن ميري اک کڻي نه ڏسندو.