ڏياري جو ڏڻ، پاڪستان جي عوام اقليت خلاف ظلم هميشه ناپسند ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو+رپورٽر) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام اقليت خلاف ظلم کي هميشه ناپسند ڪيو آهي، جڏهن⁠ته هندو برادري جو سماجي، اقتصادي ۽ سياسي شعبن ۾ ڪردار اسان جي قوم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي،ڏياري جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ڏياري  جي مبارڪباد ڏني۔ هن چيو ته “روشنيءَ جو هي عيد، اميد جي مايوسيءَ تي فتح ۽ سچائيءَ جي فتح جي علامت آهي،قومي اقليتي ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي منظُوري ڏني  وئي آهي،سرڪاري ملازمتن ۾ به اقليتن جي ڪوٽا آهي،اقليتي برادري جي ٻارن کي اسڪولن کان يونيورسٽي تائين وظيفا ڏنا پيا وڃن،وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۾ هندو برادري جي قيمتي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو،هن چيو ته پاڪستان اجالن،امن،هم آهنگي،تحمل ۽ برداشت جي سرزمين آهي،هتي نفرت،فتني،فساد،ڏڦيڙ ۽ دهشت گردي لاءِ ڪا به گنجائش ناهي،اسان کي اقليتي برداري تي فخر آهي،تعليم،صحت سميت سمورن شعبن ۾ اقليتي برادري ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هندو برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته روشنيءَ جي هي عيد توهان جي زندگين ۾ امن، خوشحالي ۽ پيار آڻي، ۽ هي ڏينهن ملڪ ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جا رشتا وڌيڪ مضبوط ڪري،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ۾ چيو ته سموري هندو برادري ۽ ڏياري ملهائيندڙن کي خوشين، امن ۽ روشنيءَ سان ڀرپور ڏياري جي مبارڪباد،پاڪستان جي اصل خوبصورتي ان جي مذهبي رواداري ۽ بين المذهبي هم آهنگي ۾ آهي۔ اچو ته اسين سڀ گڏجي اميد، ڀائيچاري ۽ خوشحاليءَ جا ڏيئا ٻاريون، جيئن اسان جو وطن محبت ۽ روشنيءَ سان وڌيڪ منور ٿي سگهي ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ناصر شاهه،ذوالفقار علي شاهه،ڄام خان شورو،سعيد غني،اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس شاهه،پ پ اڳواڻ شازيا عطا مري به هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون ڏنيون آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.