ميرپورخاص ۾3 مهينن دوران 34 ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ

ميرپورخاص (عوامي آواز نيوز) ميرپور خاص ۾ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿي وئي، صحت کاتي موجب، شهر ۾ گذريل ٽن مهينن دوران وڌيڪ 34 نوان ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته هن سال سيپٽمبر تائين 125 نوان ڪيس رجسٽر ٿيا آهن، رپورٽ موجب ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارا 43 ٻار به شامل آهن، ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته صورتحال هينئر تائين هنگامي نه آهي، مختلف علائقن ۾ اسڪريننگ جاري آهي ۽ دوائن جي به ڪا کوٽ ناهي، ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

  1. بخشاپور ڀرسان ڪارنهن جي تڪرار تان نوجوان قتل

بخشاپور (رپورٽ: زاهد بڊاڻي) بخشاپور ڀرسان جکراڻي ۽ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، هڪ زخمي ٿي پيو، بخشاپور ٿاڻي جي حد شاهي واھ پل وٽ جکراڻي ۽ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين  ۾ ڪارنهن جي پراڻي معاملي تان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ بقا محمد جکراڻي جو رھواسي 30 سالن جو غلام علي جکراڻي قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي وارثن کڻائي ٿاڻي آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.