شڪارپور ۾ سارين جو اگهه گهٽائڻ خلاف احتجاجي ريلي

لکي غلام شاهه (رپورٽ:نديم جان مهر) شڪارپور ۾ هاري جدوجهد ڪميٽي ضلع شڪارپور پاران سارين جو اگهه گھٽ ھجڻ خلاف ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين هارين، مزدورن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ڳوٺ قادر بخش کوسو کان شروع ٿي ڄامڙا اسٽاپ تائين پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن بينر ۽ ھاري جدوجھد ڪميٽي جا ڳاڙھا جھنڊا کڻي “هارين کي انصاف ڏيو”، “سارين جو منصفاڻو اگهه مقرر ڪيو”، ۽ “هارين جو معاشي قتل بند ڪيو” جا زوردار نعرا هنيا ويا،ريلي جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ مير صابر حسين کوسو، ھاري جدوجھد ڪميٽي سنڌ جي صدر علي کوسو، آل جوڳي اتحاد جي صدر ڊاڪٽر رمضان جوڳي، ھاري جدوجھد ڪميٽي جي ضلعي صدر علي نواز جت، سماجي اڳواڻ ناز نصرالله مھر، غمٺار دل، الھ داد جاگيراڻي، نظام الدين جوڳي، فھيم جمالي، ارشاد جمالي ۽ بھادر علي جت ڪئي.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت مارڪيٽن ۾ سارين جا اگهه انتهائي گھٽ آهن، جنهن سبب هارين جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. هارين لاءِ پنهنجي خاندان جو گذر ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، جڏهن⁠ ته سرمائيدار ۽ واپاري وڏو فائدو ماڻي رهيا آهن.انهن چيو ته اگهه گھٽ رکڻ سان غريب هاري پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ اهو ضلعي سطح کان صوبائي ۽ قومي سطح تائين وڌايو ويندو .ان موقعي تي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زرعي شعبي لاءِ پاليسيون هارين جي راءِ سان تيار ڪيون وڃن، ۽ کين سندن محنت جو منصفاڻو معاوضو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪندا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.