ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪيون آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته ڏياري اميد، روشني ۽ خوشين جو تهوار آهي، جيڪو امن ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، ڏياري جو پيغام انسانيت، اتحاد ۽ اميد جي جذبي کي اجاڳر ڪري ٿو.
هن چيو ته سنڌ جي سرزمين سدائين هم آهنگي، سهپ ۽ گڏيل احترام جي علامت رهي آهي، سنڌ ۾ اقليتن کي برابر جا حق حاصل آهن، پاڪستان جو آئين انهن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پ پ برابري جي بنياد تي اقليتن کي حڪومت ۽ انتظاميا ۾ نمائندگي ڏني آهي، يڪجهتي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
You might also like