پنجگور (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب بلوچستان اسيمبلي ميمبر رحمت صالح بلوچ جو ڀاءُ وليد صالح بلوچ مارجي ويو، ايس پي پنجگور موجب فائرنگ جو واقعو وليد صالح بلوچ جي گهر آڏو پيش آيو، جتي هٿياربندن کيس گولين جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي مڪر ان ڊويزن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.