پيپلزپارٽي کي ن ليگ مان وڌيڪ اميدون نه رهيون، اتحاد خاتمي ڏانهن وڌڻ لڳو؟

لاهور (امداد سومرو) پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ پنجاب جا اڳواڻ چوڌري منظور، نديم افضل چن، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا ۽ ٻيا اڳواڻ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ تڪرار جي حوالي سان مڪمل تياري سان ويا هئا پر ذريعن موجب کين بريفنگ جي ضرورت ئي نه پئي ڇو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي ڪاوڙيل هو ۽ هن ان جو اظهار ڪري ڇڏيو ۽ چئي ڇڏيو ته اتحاد ائين ناهن هلندا. هن چيو ته نه رڳو پنجاب پر وفاقي حڪومت به واعدن تي عمل ناهي ڪيو. اجلاس ۾ اهو نقطو اٿاريو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي آئين سان، ارڙهين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ سان هٿ چراند ڪرڻي آهي ته اهو رضا رباني سان وڃي ملي، يعنيٰ هن انڪار ڪيو ته هو صوبن جو حصو گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن. رضا رباني جو نالو وٺي اتحادين کي سخت پيغام ڏنو ويو. حيدر گيلاني چيو ته پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي. پ پ چيئرمين ان تي چيو ته وزيراعظم مهيني جي مهلت ورتي آهي، مسئلا حل ٿي ويا ته ٺيڪ نه مرڪز مان به نڪري وينداسين، اپوزيشن ۾ اچي وينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ به فيصلو ڪري سگهون ٿا پر خطي ۽ عالمي حالتن کي ڏسڻو آهي، اسان جي سسٽم کان ڌار ٿيڻ تي سسٽم ويهي ويو ته ڏوهه اسان جو مڃيو ويندو، اسان کي سسٽم کي خطرن جو شڪار نه بڻائڻ گهرجي. اهڙي ريت هاڻي بال ن ليگ جي ڪورٽ ۾ اچي ويو. ان کان اڳ اهي ڳالهيون هيون ته ن ليگ پيپلزپارٽي سان اهڙو رويو رکندي ۽ ڪا لفٽ نه ڪرائيندي جو پ پ مجبور ٿي اتحاد کان ڌار ٿي ويندي. هاڻي ان جو اڌ ڪم ٿي چڪو آهي، مهيني جي مهلت کانپوءِ وڌ ۾ وڌ وري مهيني جي مهلت ورتي وڃي ته پ پ ڊسمبر يا جنوري تائين اتحاد مان نڪري ويندي. ان دوران ن ليگ وقت حاصل ڪندي، ڪجهه پ پ جا خدشا ختم ڪندي ۽ ڪجهه مهينا ڪڍي وٺندي. ان دوران ن ليگ سادي اڪثريت لاءِ کوٽ کي ٻين اتحادين سان پورو ڪندي. اها کوٽ پوري ٿيڻ تي پ پ کان لاتعلقي ڪئي ويندي. پ پ پوءِ مجبوري ۾ اتحاد کان ڌار ٿيندي. پ پ وارا اهو چئي رهيا آهن ته اتحاد ۾ نه رهڻ گهرجي، ان جو سبب اهو ئي آهي، اسان اڳ ئي ڌار ٿي وڃون، ان کان اڳ جو هو ڌار ڪن. ڇو ته هڪ مهيني ۾ وزيراعظم ڇا ڪندو؟ هو عالمي معاملن ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي. اتحاد وقت کان اڳ ٽٽي سگهي ٿو پر سسٽم هلندو رهندو، حڪومت هلندي رهندي، حڪومت کي نمبر ملي ويندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 20 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.