دوحا ڳالهين ۾ پاڪستان ڀارتي پراڪسيز کي مالي مدد جون وڊيوز ڏيکاري ڇڏيون؟

پشاور(حماد حسن) دوحا ڳالهين ۾ رڳو مسلمان ملڪ شامل آهن، چين اهم اسٽيڪ هولڊر هجڻ باوجود شامل ناهي. روس جو به ڪردار رهيو آهي، آمريڪا به ان ۾ شامل ناهي. ڳالهين ۾ پردي پٺيان سعودي عرب جو به ڪردار آهي. 4 ڏينهن اڳ قطر جا 2 اهم اڳواڻ ڪابل پهتا هئا ۽ هنن رابطا ڪيا هئا. ڳالهين دوران پاڪستان انٽيلجنس ڄاڻ جي بنياد تي ٻڌايو ته خوست، قنڌار ۽ پڪتيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هنن به ڪجهه ڄاڻ شيئر ڪئي. ذريعن موجب پاڪستان کين هڪ ٻه وڊيوز ڏيکاريون ته هي شيون ٿي رهيون آهن. ذريعن موجب، ملا عبدالحق به هڪ ٻه وڊيوز پاڪستان کي ڏيکاريون ته هي ڏسو. ملا يعقوب پاڪستان کي چيو ته اوهان اسان تي الزام هڻو ٿا پر اهي طالبان آيا ڪٿان؟ سٺا طالبان يا خراب طالبان. کيس ٻڌايو ويو ته طالبان اتان آيا جو 40 کان 45 سالن تائين جنگي حالتون رهيون، اوهان معاملا سنڀالي نه سگهيا. روس سان جنگ ۾ پاڪستان اوهان سان بيٺو هو، ان لاءِ نه بيٺو هو جو بعد ۾ مجاهدين اچي دهشتگرد بڻجي وڃن. افغانستان طرفان چيو ويو ته اوهان جي وڏي سڪيورٽي هجڻ باوجود دهشتگرد سرحد تان ڪيئن گذرن ٿا؟ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي واردات جو طريقو اهو ئي هوندو آهي. اهي ائين ئي ڪندا آهن. اسان الرٽ نه هجون ها ته اهي پشاور کان ڪراچي تائين تباهي آڻين ها. اسان ته انهن کي سرحد تي روڪيو آهي. ذريعن موجب، افغان وفد کي اهڙا ثبوت ڏنا ويا ته ڀارتي دهشتگرد پراڪسيز کي مالي مدد ڪيئن ڏني وڃي ٿي. کين ڪجهه وڊيوز ڏيکاريون ويون. وڊيوز ۾ ڪجهه صندوقون کنيون ويون ۽ گاڏي ۾ رکيون ويون ۽ چيو ويو ته صندوقن ۾ پيسو آهي ڇو ته اهو بينڪنگ ذريعي ناهي ٿيندو. کين چيو ويو ته ان ۾ اوهان جي حڪومت ذميوار آهي جو اوهان ان کي روڪي نه سگهيا. گهڻو ڪري ڳالهين تي افغان وفد متاثر ٿيو. اهڙي ڄاڻ کين پهريون ڀيرو ملي هئي. بارڊر سان دهشتگرد ڪيمپن بابت به ڄاڻ ڏني وئي ته هي هيئن اچن ٿا ۽ هتي ٽريننگ وٺن ٿا. ملا يعقوب پاڪستان جي احسانن جو به ڪيو ته اسان ڪي ايترا ويل نه آهيون جو وساري ويهون. مان پاڻ پناهه گير جي حيثيت ۾ رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.