لاهور (امداد سومرو) پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ پنجاب جا اڳواڻ چوڌري منظور، نديم افضل چن، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا ۽ ٻيا اڳواڻ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ تڪرار جي حوالي سان مڪمل تياري سان ويا هئا پر ذريعن موجب کين بريفنگ جي ضرورت ئي نه پئي ڇو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي ڪاوڙيل هو ۽ هن ان جو اظهار ڪري ڇڏيو ۽ چئي ڇڏيو ته اتحاد ائين ناهن هلندا. هن چيو ته نه رڳو پنجاب پر وفاقي حڪومت به واعدن تي عمل ناهي ڪيو. اجلاس ۾ اهو نقطو اٿاريو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي آئين سان، ارڙهين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ سان هٿ چراند ڪرڻي آهي ته اهو رضا رباني سان وڃي ملي، يعنيٰ هن انڪار ڪيو ته هو صوبن جو حصو گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن. رضا رباني جو نالو وٺي اتحادين کي سخت پيغام ڏنو ويو. حيدر گيلاني چيو ته پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي. پ پ چيئرمين ان تي چيو ته وزيراعظم مهيني جي مهلت ورتي آهي، مسئلا حل ٿي ويا ته ٺيڪ نه مرڪز مان به نڪري وينداسين، اپوزيشن ۾ اچي وينداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ به فيصلو ڪري سگهون ٿا پر خطي ۽ عالمي حالتن کي ڏسڻو آهي، اسان جي سسٽم کان ڌار ٿيڻ تي سسٽم ويهي ويو ته ڏوهه اسان جو مڃيو ويندو، اسان کي سسٽم کي خطرن جو شڪار نه بڻائڻ گهرجي. اهڙي ريت هاڻي بال ن ليگ جي ڪورٽ ۾ اچي ويو. ان کان اڳ اهي ڳالهيون هيون ته ن ليگ پيپلزپارٽي سان اهڙو رويو رکندي ۽ ڪا لفٽ نه ڪرائيندي جو پ پ مجبور ٿي اتحاد کان ڌار ٿي ويندي. هاڻي ان جو اڌ ڪم ٿي چڪو آهي، مهيني جي مهلت کانپوءِ وڌ ۾ وڌ وري مهيني جي مهلت ورتي وڃي ته پ پ ڊسمبر يا جنوري تائين اتحاد مان نڪري ويندي. ان دوران ن ليگ وقت حاصل ڪندي، ڪجهه پ پ جا خدشا ختم ڪندي ۽ ڪجهه مهينا ڪڍي وٺندي. ان دوران ن ليگ سادي اڪثريت لاءِ کوٽ کي ٻين اتحادين سان پورو ڪندي. اها کوٽ پوري ٿيڻ تي پ پ کان لاتعلقي ڪئي ويندي. پ پ پوءِ مجبوري ۾ اتحاد کان ڌار ٿيندي. پ پ وارا اهو چئي رهيا آهن ته اتحاد ۾ نه رهڻ گهرجي، ان جو سبب اهو ئي آهي، اسان اڳ ئي ڌار ٿي وڃون، ان کان اڳ جو هو ڌار ڪن. ڇو ته هڪ مهيني ۾ وزيراعظم ڇا ڪندو؟ هو عالمي معاملن ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي. اتحاد وقت کان اڳ ٽٽي سگهي ٿو پر سسٽم هلندو رهندو، حڪومت هلندي رهندي، حڪومت کي نمبر ملي ويندا.
-
پ پ کي 27هين ترميم تي خدشا؟
اسلام آباد(اسد طور) طاقت جي حلقن ۾ 27هين آئيني ترميم جو مسودو تيار ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شامل نڪتن موجب نئين آئيني عدالت ٺاهي ويندي، جتي ججن جي عمر وڌائي ويندي ۽ ڪجهه چونڊيل ججن کي ان عدالت ۾ مقرر ڪيو ويندو،امين الدين خان ۽ ٻيا جج اڳ ئي پنهنجي “سي ويز” تيار ڪري رهيا آهن،ججن جي ٽرانسفر پاليسي ۾ تبديلي، هاڻي جج جي رضامندي کان بغير به کيس هڪ هاءِ ڪورٽ مان ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهجي ٿو۔ يعني عدليه وڌيڪ انتظامي ڪنٽرول هيٺ اچي ويندي،جڏهن ته 18هين ترميم تحت صوبن کي جيڪي کاتا مليا هئا (جهڙوڪ معدنيات، قدرتي وسيلا وغيره)، انهن مان ڪجهه واپس وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ تي غور آهي،اين ايف سي ايوارڊ نئين سر جوڙجڪ ٿي رهي آهي، صوبن جو حصو گهٽائي، وفاق (خاص طور دفاع ۽ قومي سلامتي) لاءِ فنڊ وڌائڻ تي غور ٿي رهيو آهي،جڏهن ته صدرِ مملڪت جا اختيار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تجويز آهي ته صدر کي وڌيڪ طاقت ڏني وڃي ۽ حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ فيصلا ساز ڪردار ڏنو وڃي ڪجهه تجويزون ته “نيم صدارتي نظام” جهڙو نظام آڻڻ تي به غور ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ادارا ڪنهن فيصلي کي “قومي مفاد” ۾ قرار ڏين، ته عدالت ان جو جائزو نه وٺي سگهندي۔ذريعن موجب، آصف علي زرداري کي به ان ترميم بابت “تيار” ڪيو پيو وڃي،ذريعن موجب هڪ طاقتور ترين شخصيت جي صدر سان ملاقات ۾ انهن سڀني معاملن تي ڳالهه ٿي۔زرداري لاءِ پيغام اهو ڏنو ويو ته ملڪ جي مفاد ۾ اهڙيون تبديليون ضروري آهن،ٻئي طرف، پيپلز پارٽي کي خدشو آهي ته جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آئي، ته سنڌ جو مالي حصو گهٽجي ويندو، جيڪو سندن حڪومت لاءِ بنيادي سهارو آهي۔اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي 27هين ترميم جي مزاحمت ڪري سگهي ٿي، ۽ ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان به رابطي ۾ آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙيون ترميمون لاڳو ٿيون، ته ملڪ ۾ حڪومت جو ڍانچو تبديل ٿي ويندو ، صدر وڌيڪ طاقتور، صوبائي خودمختياري محدود، ۽ عدليه انتظامي ڪنٽرول هيٺ اچي ويندي.
-
اصل اپوزيشن لاءِ پيپلزپارٽي کي آئيني عهدا ڇڏڻا پوندا؟
اسلام آباد (معظم فخر) پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت کي پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. پارٽي قيادت اعلان ڪيو آهي ته هڪ مهيني کان پوءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ٻيهر اجلاس ٿيندو، جتي اڳڀرائي جو جائزو وٺي حتمي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي سياسي حڪمت عملي جي بحران جو شڪار آهي. پارٽي جي خواهش آهي ته اها حڪومتي ڌر جي طاقتور مخالف طور سامهون اچي، پر موجوده نظام ۾ رهي اهو ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. جڏهن آصف علي زرداري صدر ۽ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هئا، تڏهن پارٽي ن ليگ سان مخالفت بدران پنجاب ن ليگ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن سبب تحريڪ انصاف کي پنجاب ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ جو موقعو مليو. هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جو چيئرمين قيد ۾ آهي ۽ تنظيم غيرفعال آهي، ته پيپلز پارٽي لاءِ پنجاب ۾ سياسي جاءِ ٺاهڻ جو موقعو موجود آهي. پر پارٽي وٽ نه قيادت آهي، نه ئي ڪو واضح بيانيو، جيڪو پنجاب جي عوام کي متاثر ڪري سگهي. ان سان گڏ، مسلم ليگ نون پنجاب تي مڪمل گرفت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پيپلز پارٽي کي سياسي جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي. اهڙي صورتحال ۾، جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿي ته ان کي موجوده نظام مان ٻاهر نڪري، حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. يا ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير بڻجي، ڪارڪردگي ذريعي پنهنجو مثال قائم ڪري، يا پارٽي ملڪ گير سطح تي پنهنجو سياسي بيانيو مضبوط ڪري. ٻي صورت ۾، رڳو پڌرائي جاري ڪرڻ ۽ مهلت ڏيڻ سان پيپلز پارٽي کي عوام جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. جيڪڏهن پارٽي حقيقت ۾ پنجاب ۽ وفاق ۾ واپسي چاهي ٿي ته ان کي مخالف ڌر طور ميدان ۾ لهڻ گهرجي، نه ته موجوده رويو پارٽي لاءِ سياسي طور وڏو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. پيپلزپارٽي ٻن گهوڙن تي سوار ٿيڻ چاهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ سان به رهڻ چاهي ٿا، ن ليگ کي ٽف ٽائم به ڏيڻ چاهين ٿا، هڪ ئي وقت ٻنهي تي سواري ممڪن ناهي. پيپلزپارٽي کي وفاق جي سياست ڪرڻي پوندي. چئني صوبن جي زنجير واري نعري جيان بيانيو ڏيڻو پوندو. اصل اپوزيشن لاءِ کين سڀ آئيني عهدا ڇڏڻا پوندا.