وفاق پاران ڪڻڪ امدادي اگهه 3500 رپيا في مڻ، 4 لک ميٽرڪ ٽن واڌو ان خريدڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ جي زرعي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي ڪڻڪ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت  هارين ۽ آبادگارن کان في من 3500 رپين جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، جڏهن ته  ڪڻڪ جي خريداري عالمي درآمدي اگهه سان هم آهنگ هوندي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاليسي جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ چئني صوبن جا وزيراعليٰ، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، ۽ لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي معيشت جو بنياد زراعت تي آهي، ۽ ڪڻڪ نه صرف عوام جي خوراڪ، پر هارين ۽ آبادگارن جي آمدني جو وڏو ذريعو پڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هارين ۽ آبادگارن معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ حڪومت سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. فيصلي تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي 6.2 ملين ٽن اسٽريٽجڪ ڪڻڪ جو ذخيرو حاصل ڪنديون. 3500 رپيا في مڻ جي شرح سان خريداري ڪئي ويندي. ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي ڪا به پابندي نه هوندي. مارڪيٽ ۾ مقابلي واري فضا برقرار رکندي هارين ۽ آبادگارن  کي منصفاڻي اگهه ۽ منافعو مهيا ڪيو ويندو. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي پاسڪو کي چار لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته قومي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا پاليسي تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي ۽ سڌو سنئون وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندي.ڪميٽي جي سربراهي وفاقي وزير براءِ قومي غذائي تحفظ ڪندو، جڏهن ته سڀني صوبن جا نمائندا ان جو حصو هوندا. ڪميٽي هفتي وار اجلاس ڪندي ته جيئن پاليسي جي شفافيت ۽ اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته اها پاليسي  زرعي ترقي، غذائي تحفظ ۽ هارين جي معاشي بهتري لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.