آءِ ايم ايف قومي مفاد خلاف ڪو به شرط لاڳو نٿو ڪري سگهي\محمد اورنگزيب

واشنگٽن (م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي ڊسمبر جي آخر تائين آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط ملڻ جي اميد آهي. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جلد ئي پاڪستان سان معاهدي جي منظوري ڏيندو، جنهن کان پوءِ رقم جاري ڪئي ويندي. محمد اورنگزيب هن وقت آمريڪا جي دوري تي آهي جتي هن 20 وزارتي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ فنڊ جي فوري طور تي فعال ٿيڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان تي قومي مفاد جي خلاف ڪو به شرط لاڳو نٿو ڪري سگهي، پروگرام تحت ڪيل سڌارن معيشت کي مضبوط ڪيو آهي ۽ سڀئي سڌارا پاڪستان جي پنهنجي معاشي ترجيحن جي مطابق آهن. انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختار ڊيوپ سان ملاقات ۾، ناڻي واري وزير اميد ظاهر ڪئي ته ايگزم بينڪ جلد ئي ريڪوڊڪ منصوبي ۾ شامل ٿيندي. هن جي پي مورگن جي هڪ سينئر وفد سان ملاقات ۾ ٻطرفي مالي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان واپاري ۽ ٽيرف معاهدو هڪ کان ٻن هفتن ۾ ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته حڪومت نيويارڪ ۾ روزويلٽ هوٽل جي نجڪاري بابت فيصلي جي ويجهو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.