وفاق ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4200 رپيا مڻ مقرر ڪري:سنڌ سرڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت فوري طور تي مقرر ڪئي وڃي، سڌ سماءَ کاتي سنڌ جي بيان موجب زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن سبب صوبائي حڪومتون وفاق جي منظوري کانسواءِ امدادي قيمت نٿيون ڏئي سگهن، محمد بخش مهر موجب ڪڻڪ جي قيمت مقرر نه ٿيڻ ڪري  هاري سخت مالي دٻاءُ هيٺ آهن، تنهنڪري وفاق کي گهٽ ۾ گهٽ 4200 رپيا في مڻ امدادي قيمت جو اعلان ڪرڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به اهو مطالبو ڪري چڪي آهي ۽ جيڪڏهن هارين کي مناسب اگهه نه مليو ته هو ڪڻڪ ڇڏي ٻيا فصل پوکڻ تي مجبور ٿي ويندا، پوءِ ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت هارين لاءِ ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام تحت 56 ارب رپين جو امدادي پيڪيج متعارف ڪرايو آهي، جنهن سان في ايڪڙ 24700 رپيا سبسڊي، يوريا ۽ ڊي اي پي لاءِ ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.